چوپايو مال ۽ قيمتي سامان ڦر ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

خانواھڻ(عاجزامتياز نوح پوٽو) محبت ديرو ۽ خانواھڻ  پوليس وڏن اٽالن سان ڳوٺ محمد حسن جلباڻي ۽ گاھي  خان جلباڻي  تي چڙهائي ڪري پورھيت  محمد بخش جلباڻي، محمد شريف جلباڻي ۽ محمد حنيف جلباڻي  جي گھرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال  ڪري عورتن سان بدتميزي  ڪري چوپايو مال ٻڪريون، قرباني جا ڇيلا، مينھون، ڍڳيون، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان ڦري ٻن ڄڻن  شريف جلباڻي  ۽ فرحان  جلباڻي  کي گرفتار ڪري نامعلوم  ھنڌ  منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن پاران خانواھڻ  ديھات  لنڪ روڊ تي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد بخش جلباڻي، گل بھار، شاھنواز، ڪمال خان، مولابخش  جمالي، ايوب  جلباڻي  ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته پوليس  دھشتگردي  ڪري رات جي پيٽ ۾ گھرن ۾ ڀڃ ڊاھ  ڪري چوپايو  مال ۽ قيمتي سامان ڦري ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ته توهان چور ۽ ڦورو  آھيو. هنن چيو ته اسان جي پوري يوسي  ضلعي  ته ڇا پر پوري سنڌ مان شناخت ڪرائي وڃي ته ڇا اسان واقعي ڏوھاري  قسم جا ماڻهو آهيون ووٽ نه ڏيڻ جي ڪري اسان کان پلاند ورتو پيو وڃي پوليس  ڏينهن رات ڳوٺن تي چڙھائي  ڪري رھي  آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻا  گھرن تائين محدود آهن ۽ اسڪولي ٻار پڻ خوف وچان اسڪول نٿا وڃي سگھن. اسان چيف جسٽس پاڪستان،  وزيراعظم، وزير اعليٰ،  آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل  ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪري ڦرٿيل سامان واپس ڪرائي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو