چوٽيارون لڳ سنڌ جي ثقافتي راند ٻلهاڙو جا مقابلا

سانگھڙ (رپورٽ ذوالفقار شاھ)چوٽياريون ويجھو اڇڙوٿر جي علائقي ۾ نوجوانن پاران سنڌ جي ثقافتي راند ٻلھاڙو منعقد ڪرائي وئي ان موقعي تي و ڏي انگ ۾ رانديگرن ۽ شوقينن شرڪت ڪئي. ڳوٺ حاجي درمحمد راڄڙ ۾ ايوب راڄڙ طرفان سنڌ جي ثقافتي راند ٻلھاڙو منعقد ڪرائي وئي، ٻلھاڙو راند ۾ سانول ڀيل اسماعيل راڄڙ سيد قبول شاھ فرمان شاھ ساجن راڄڙ بلو خاصخيلي منٺار ڀنڀرو سميت علائقي جي مشھور رانديگرن شرڪت ڪئي. ٻلھاڙي راند ۾ فقير محمد خان راڄڙ مھمان خصوصي طور شرڪت ڪئي ميرحسن محرم  رئيس الھڏنو جانوري امام بخش جانوري قاضي عبدارحمان راڄڙ اسحاق راڄڙ دودو جوڻيجو قائم دين محمد راڄڙ علي بيگ جوڻيجو رسول بخش راڄڙ غلام حسين راڄڙ شفيع محمد راڄڙ غلام حسين راڄڙ آربي سميت علائقي واسين ۽ معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Photo Sindhyar

انھي موقعي تي آيل مھمانن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نوجوان ايوب راڄڙ جي ھن شوق سان نوجوان نسل ۾ سنڌ جي ثقافت بابت چاھ پيدا ٿيندو ھي ثقافتي رانديون ڳوٺاڻا ڪرائي رھيا آھن اھو سٺو عمل آھي پر اھي ثقافتي رانديون ۽ سرگرميون حڪومت کي ڪرائڻ گھرجن  ھنن وزير اعليٰ سنڌ ڊي سي سانگھڙ سميت سڀني اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ٻھراڙي جي علائقن ۾ حڪومت جي طرفان ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاء ايونٽ منعقد ڪيا وڃن ته جيئن اسانجو نوجوان نسل اسان جي قديمي ثقافت کان متعارف ٿي سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو