حڪومت بجيٽ بعد چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، عمران خان

حڪومت بجيٽ بعد چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڱاري تي اسان جي ٽيم ڳالهين لاءِ ويندي، حڪومت 14 مئي جي اندر اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي ته اسان هڪ تاريخ تي چونڊن لاءِ تيار آهيون.ڪارڪنن سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چون ٿا اڳ ۾ بجيٽ پاس ڪنداسين، پوءِ چونڊون ڪرائينداسين، انهن جي بدنيتي نظر اچي رهي آهي، بجيٽ کانپوءِ اسيمبليون ٽوڙڻ اسان کي قبول ناهي، اسان طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ جو هڪ سبب وفاق کان صوبن کي فنڊن جي عدم فراهمي به هو.سندس موجب سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جو چئي چڪي آهي، خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، جيڪڏهن 14 مئي کان اڳ اسيمبليون نه ٽوڙيون ويون ته اسان ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائينداسين.هن اعلان ڪيو ته سومر تي اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور ۾ ليبر ڊي جي حوالي سان ريليون ڪڍنداسين، لاهور جي ريلي جي اڳواڻي مان ڪندس، ريلي جو مقصد آئين بچايو پاڪستان بچايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو