لاهور (بيورو رپورٽ)مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت طرفان ادارن ۾ ٽڪراءُ وارو تاثر پيدا ڪرڻ غلط آهي، اسان آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرون ٿا، پر ٻيا ادارا به آئيني حدن مان نه نڪرن ۽ انتها تي نه وڃن. اهرو اظهار هن لاهور ۾ پارٽي جي صوبائي مجلس عامله جي اجلاس ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مولانا دعويٰ ڪئي ته ٻن ٽن جلسن کانپوءِ حڪومت جي تبديلي جا آثار سڀني کي نظر اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو لڳڻ وارو آهي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته استعيفائن وارو آپشن موجود آهي ۽ اُن کي ڪنهن به وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان غداري جي ڪيسز کي ليکيندا ئي نه آهيون، غدار ته اهي آهن، جن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي ۽ عوام مٿان سليڪٽيڊ حڪومت مڙهي، اسان کي ٿڌي دل سان سوچڻو پوندو ته ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي هلڻو آهي، هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي پي ڊي ايم جو جلسو گجرانوالا ۾ ٿيندو، جلسي کي ڪامياب بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته ميان نواز شريف شهباز شريف کي خط لکيو هو جنهن ۾ چيو هو ته مولانا شروع م درست ڳالهه چئي هئي ته اسان کي حلف ئي نه کڻڻ گهرجي ها. هن اهو به لکيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو ڪو ايئن نه چوي ته جلسي ۾ جي يو آءِ جا ماڻهو گهٽ هئا. مولانا چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ شخص گستاخي ڪئي ۽ بعد ۾ کيس ٻاهر موڪليو ويو. هن چيو ته نيب ذريعي اسانکي نه ڊيڄاريو،اسين ته گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون نيب وارا اچن ته سهي، نيب پشاور هٿ ٻڌي ڪيس اسلام آباد موڪليو آهي. هن چيو ته اسان اي پي سي ڪئي ته چيائون انڊيا کي خوش ٿا ڪن، اوهان ڌانڌلي ڪئي جعلي حڪومت بڻائي ڇا ان سان انڊيا خوش نه ٿيو؟ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تي غداري جو ڪيس داخل ڪري ڪهڙو پيغام ٿا ڏيون؟ اسان جيڪڏهن گلگت کي صوبو ٺاهيو ته ان سان ڪشمير ڪاز کي نقصان ٿيندو. هن چيو ته هر طبقو بيزار آهي حڪومت کان، سرڪاري ملازم سڙڪن تي آهن، نوڪريون جيڪي ڏنيون هاڻي ته پڪي نوڪري وارا به پريشان آهن. مولانا فضل الرحمان مريم نواز پاران ڏنل ڊنر ۾ به شريڪ ٿيو، جنهن ۾ بنهي پارٽين جي مک ليڊرن شرڪت ڪئي.










