لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر، ميان محمود الرشيد، اڳوڻي اسپيڪر ڪي پي اسيمبلي مشتاق غني، اڳوڻي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي سبطين خان سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آئيني مينڊيٽ ۽ عدالت جي فيصلي کان انحراف ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ته اليڪشن شيڊول موجب 30 اپريل تي ڪرائي وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ سمورين پارٽين کي چونڊن جا انتظام يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪري.










