چونڊون هڪ ڀيرو ٿيڻ گهرجن، هر هر ٿيڻ سان انتشار وڌندو: سعد رفيق

چونڊون هڪ ڀيرو ٿيڻ گهرجن، هر هر ٿيڻ سان انتشار وڌندو: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ٿيڻ گهرجن ڇو ته بار بار چونڊون ملڪ ۾ افراتفري جو سبب بڻجنديون.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته ملڪ ۾ چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، اهو ممڪن ناهي ته ملڪ ۾ سڄو سال چونڊون ٿين.هن چيو ته اسيمبليون مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ڊاهي پٽ ڪيون ويون، آئين ليڊر آف هائوس کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار ڏنو آهي، عمران خان اسيمبلي ٽوڙي نٿو سگهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ تحريڪ انصاف کي اي پي سي ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي، هو سنجيدگي ڏيکاري، سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي دهشتگردي خلاف ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ڪنهن به نئين بحران جو شڪار نٿو ٿي سگهي، ملڪ ۾ چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، بار بار چونڊون ٿيڻ سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو، جيڪڏهن چونڊون الڳ ٿيون ته وڌيڪ بحران پيدا ٿيندا. خواجا سعد جو چوڻ هو ته اهڙيون حالتون نه هيون ته ٻه صوبائي اسيمبليون ٽوڙيو وڃن، وڏي وزير تي دٻاءُ وجهي اسيمبليون ٽوڙيون ويون، هاڻ ملڪ جون حالتون وڌيڪ افراتفري جي متحمل نه ٿيون ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو