چونڊن دوران امن امان لاءِ 62 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري

چونڊن دوران امن امان لاءِ 62 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ملازمن جي پينشن جي مد ۾ 36 ارب روپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي، چونڊن دوران امن امان لاءِ 62 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، واٽر بورڊ ۽ ٻين کاتن جي لاءِ به فنڊز منظور، نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ گورخ هل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي زمين ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي، سنڌ ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ لاءِ ڇور کان 105 ڪلوميٽرز تائين ريلوي ٽريڪ ٺاهڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ريلوي لائين جي 50 سيڪڙو فنڊنگ وفاقي سرڪار ۽ 50 سيڪڙو سنڌ سرڪار ڪندي

پهنجو تبصرو موڪليو