چورتالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سامان کڻي ويا، ڪيس داخل پر گرفتاري ڪا به نه

ڳڙهي ياسين(رپورٽ شفيق مهر) نامعلوم چور ڊکڻ ناڪي تي واقع رام چند جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا. رام چند جو چون آهي ته سندس دڪان کي 6 تالال لڳل هئا ۽ هي چور تهربي وارا لڳن ٿا جيڪي سڀ تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سامن کڻي ويا آهن. هن ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته چور ٻه لک روپيا روڪ ۽ هزارن روپين جو سامان چوري ڪري ويا آهن . ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس اڃا ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو