چهري جي سڃاڻپ واري ٽيڪنالوجي جو استعمال

چهري جي سڃاڻپ واري ٽيڪنالوجي جو استعمال

سنگاپور(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ روز نئين ايجاد ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه ٽيڪنالوجيز سرڪاري سطح تي استعمال به ٿين پيون. سنگاپور چهرو سڃاڻڻ واري ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن کي ‘سنگ پاس’ جو نالو ڏنو ويو آهي. پنهنجي شهرين جي ڊيٽا بئنڪ سان ان کي لنڪ ڪري سرڪاري آفيسن ۽ سيڪورٽي جي اهم جاين تي ان کي لڳايو ويندو. ڪو به شخص آئيني نما اسڪرين تي ڏسندو ته مشين سندس سڃاڻپ ڪري ان جي ڪليئرنس ڏيندي. هن ٽيڪنالوجي جو بئنڪ ۾ ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سنگاپور هي ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ وارو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو