اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)گهڻن ماڻهن کي بنگلاديش جي آرمي چيف جو نالو خبر نه هئي پر اڄوڪي اعلان کيس پوري دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. هن جڏهن اعلان ڪيو ته بنگلاديش جي وزيراعظم حسينا واجد استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، ماڻهو پر امن رهن ڪنهن جي به جان ۽ مال کي نقصان نه پهچائي. هن سڀني جي مشاورت سان عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. بنگلاديش جي آرمي چيف ٿيڻ جي صرف هڪ مهيني بعد ئي جنرل وقار الزمان دنيا ۾ اهو اعلان ڪندي ئي شهرت ماڻي ورتي. بنگلاديش احتجاج ۽ تشدد سان ڀريل آهي جيڪو گذريل مهيني شروع ٿيو جڏهن شاگردن جي گروپن سرڪاري نوڪرين ۾ فريڊم فائيٽرز جي مبينه تڪراري 30 سيڪڙو ڪوٽا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اهو حسينه کي هٽائڻ جي مهم جو بنياد بڻيو ۽ ڪاميابي به ماڻي ورتي. 15 سالن تائين اقتدار ۾ رهندڙ وزيراعظم حسينا واجد کي لڳاتار چوٿون ڀيرو مدو ڀانءِ نه آيو هن ڀيري واري چونڊ جي 7 مهينن ۾ ئي کيس مستعفي ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. هيستائين جي هنگامن ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي چڪا آهن. حسينا واجد جو پٽ سجيب واجد جيڪو سندس ڪميونيڪشن بابت مشير به هو، تنهن آمريڪا مان اعلان ڪيو ته هاڻي سندس امڙ سياست ۾ شايد ڪڏهن به واپس نه اچي. 58 سالن جي ڄمار وارو آرمي چيف وقار الزمان 23 جون تي ٽن سالن جي عرصي لاءِ آرمي چيف جا فرض سنڀاليا هئا. 1966ع ۾ ڍاڪا ۾ پيدا ٿيدڙ، ارمي چيف جي شادي جنرل محمد مستفيض الرحمان جي ڌيءَ ساره ناز ڪماليڪا زمان سان ٿي، جيڪو 1997ع کان 2000ع تائين آرمي چيف رهيو هو. بنگلاديش آرمي جي ويب سائيٽ موجب، زمان بنگلاديش جي نيشنل يونيورسٽي مان ڊفينس اسٽڊيز ۾ ماسٽرس جي ڊگري ۽ ڪنگز ڪاليج لنڊن مان ڊفينس اسٽڊيز ۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. آرمي چيف ٿيڻ کان اڳ، هن چيف آف جنرل اسٽاف جي حيثيت سان ڇهن مهينن کان ٿورو وڌيڪ عرصو ڪم ڪيو . ساڍن ٽن ڏهاڪن جي ڪيريئر ۾، هن حسينه سان گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس جي آرمڊ فورسز ڊويزن ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. فوج جي ويب سائيٽ موجب زمان به فوج کي جديد ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي.










