اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ چين وچ ۾ چشما 5 ايٽمي پاور پلانٽ جي تعمير لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.وزيراعظم شهباز شريف مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ٻن عظيم دوستن چين ۽ پاڪستان لاءِ هي اهم موقعو آهي، هنن 1200 ميگاواٽ چشما سي 5 جي ايم او يو تي صحيحون ڪيون آهن.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته چشما سي 5 منصوبو بنا دير شروع ڪيو ويندو، 4.8 بلين ڊالر جو منصوبو پيغام آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان تي اعتماد ڪن ٿا.سندس چوڻ آهي ته معاهدو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي هٿي ڏيندو، صدر شي جن پنگ پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي لوهي ڀائرن جي دوستي قرار ڏنو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان نائين اليون لاءِ سمورا شرط پورا ڪيا آهن پر آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ غير معمولي دير ٿي رهي آهي.هن چيو ته چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي مدد لاءِ آيو آهي، سعودي عرب ۽ قطر اڄ به پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هن مرحلي تي چين جو ساٿ ۽ تعاون انتهائي اهم آهي، چشما سي 5 ايٽمي 1200 ميگا واٽ توانائي منصوبي تي هو چيني حڪومت ۽ چيني ڪمپني جا ٿورائتا آهن.هن چيو ته نواز شريف جي دور حڪومت ۾ ان منصوبي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر گذريل حڪومت ان منصوبي کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا ۾ مهانگائي سبب قيمتون وڌيون آهن، چيني ڪمپني مهانگائي باوجود قيمتون نه وڌائيون، منهنجي درخواست تي چيني ڪمپني 30 ارب رپين جي رعايت ڏني آهي.هن جو چوڻ آهي ته مان ۽ منهنجي ٽيم منصوبي لاءِ چين ويا هئاسين، منصوبي ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي پاڪستان جي نئين فوجي قيادت جو به شڪر گذار آهيان.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هي منصوبو سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ پيج تي هجڻ جو نتيجو آهي، چين گذريل هفتن ۽ مهينن ۾ پاڪستان کي بي مثال مالي مدد ڏني آهي.هن اهو به چيو ته چين اسان جي قرضن جي تجديد ڪئي، جيڪو بي مثال لازوال دوستي جو مثال آهي، چين انهن بااعتماد دوستن مان هڪ آهي، جيڪي هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺا آهن، انهن دوستن جي مهربانين کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو، اهو ئي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو آهي.










