چئني هاءِ ڪورٽن ۾ مستقل چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو فيصلو

چئني هاءِ ڪورٽن ۾ مستقل چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت چئني هاءِ ڪورٽن ۾ مستقل چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 2 مئي تي ٿيندڙ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس کي ٻيهر شيڊول ڪيو ويو آهي. عدالتي ڪميشن جو اجلاس هاڻي 19 مئي تي ٿيندو.ذريعن موجب بلوچستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز جي مقرري تي 19 مئي تي ٿيندڙ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن پشاور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽس ۾ مستقل چيف جسٽسز جي مقرري تي به غور ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته چئني صوبائي هاءِ ڪورٽن لاءِ 4 مئي تائين نامزدگيون طلب ڪيون ويون آهن. هاءِ ڪورٽن ۾ مستقل چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ٽن سينئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي سينيئرٽي جو تڪرار آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ آئيني بينچ 22 اپريل تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو