ڄڃ سان گڏ موٽرسائيڪل تي ويندڙ گهوٽ جو ڀاءُ حادثي ۾ فوت

ڄڃ سان گڏ موٽرسائيڪل تي ويندڙ گهوٽ جو ڀاءُ حادثي ۾ فوت

داد لغاري ( نديم مھر) کيروھي مان ڄڃ سان گڏ موٽرسائيڪل تي ويندڙ گھوٽ جو ڀاءُ نوجوان قيوم شر پٽ عبدالرحمان اچانڪ ٽرالي جي ھيٺيان اچي چپياٽجي فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته گھوٽ جي ماءُ کي اھڙي خبر پوڻ سان بيھوشي جا دورا اچي رھيا آهن. ھوڏانھن واقعي واري ھنڌ تي يارولنڊ پوليس سميت سوين ماڻهوَ پڻ پھتل آهن جڏهن ته نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو