ڄام ڪمال خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي؟

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال عالياڻي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ صوبائي اسمبلي ۾ پيش ڪئي وئي آهي، تحريڪ جي حق ۾ 33 ووٽ آيا. جنهن تي بحث جاري آهي. بلوچستان اسمبلي جو اجلاس عبدالقدوس بزنجو جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته سردار عبدالرحمان کيتران رٿ پيش ڪئي. هن چيو ته ڄام ڪمال جي بدترين حڪمران سبب عوام پريشان آهي. عبدالرحمان کيتران چيو ته اسانجا 5 ميمبر مسنگ آهن، کين اغوا ڪيو ويو آهي ان جي باوجود به اسان جي رٿ ڪامياب ٿي ويندي. اخلاقي تقاضا آهي ته ڄام ڪمال استعيفيٰ ڏئي هو ايوان جي اڪثريت جو اعتماد وڃائي چڪو آهي. ثنا بلوچ چيو ته ڄام ڪمال بلوچستان جا پيسا ضايع پيو ڪري، صوبي جي عوام جي حقن لاءِ ڪجهه نٿو ڪري، هو رڳو اسٽيڊيم پيو ٺاهي، هتي ماڻهو بک ٿا مرن. قانون موجب 20 سيڪڙو ميمبرن جي صحيح سان رٿ پيش ڪري سگهجي ٿي، 65 ميمبرن واري ايوان ۾ اڌ ميمبرن يعني 33 ميمبرن جي ووٽ سان هن کي هٽائي سگهجي ٿو. عدم اعتماد جي رٿ تي بحث جاري آهي سومر تي ووٽنگ ٿيندي. ذريعم جو چوڻ آهي ته رٿ ڪامياب نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو