ڄام ڀائرن جي امڙ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) ڄام ڀائرن جي والده ڪراچي جي نجي اسپتال ۾  فوت ٿي وئي. سوڳ ۾ عادلپور شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. اڳوڻي صوبائي وزير ڄام سيف الله خان ڌاريجو، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان، ڄام انعام الله خان ڌاريجو،  ايس ايس پي ڄام ظفرالله خان ڌاريجو ۽  ڄام قادر خان ڌاريجو جي امڙ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾  علاج واسطي داخل هئي  جيڪا گذريل رات وفات ڪري وئي. اطلاع تي سوين ماڻهو ڄام هائوس عادلپور پهچي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو