ڄامشورو: تعليم مڪمل ڪرڻ چاهيندڙ زال مڙس هٿان قتل

ڄامشورو: تعليم مڪمل ڪرڻ چاهيندڙ زال مڙس هٿان قتل

ڄامشورو (ن س)ڄامشورو ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ چاهيندڙ زال مڙس هٿان قتل ڪري ڇڏي،پوليس موجب 26 سيپٽمبر تي نوري آباد جي ڳوٺ غلام جکرو مان اڻڄاتل عورت جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ ماجده عباسي جي نالي سان ٿي.پوليس جو چوڻ آهي ته عورت سنڌ يونيورسٽي جي آرٽ اينڊ ڊزائن ڊپارٽمينٽ ۾ فائنل ايئر جي شاگردياڻي هئي، عورت جي مڙس کي قتل جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.عورت جي مڙس پوليس کي جاچ دوران ٻڌايو ته هو ۽ ماجده هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا آهن ۽ 2 سال اڳ شادي ڪئي هئي، کين 7 مهينن جو ٻار به آهي.پوليس موجب شادي کانپوءِ عورت ماجده فائنل سال مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي پر مالي مشڪلاتن سبب کيس پڙهڻ کان روڪيو ويو.ان تي ماجده ناراض ٿي گهر هلي وئي، جنهن کي پوءِ مڙس واپس وٺي آيو.مڙس جو چوڻ هو ته ماجده پنهنجي پڙهائي بند ڪرڻ تي طلاق جو مطالبو ڪندي هئي، اهڙي حالت ۾ 22 سيپٽمبر تي نوري آباد جي ڳوٺ غلام جکرو ڀرسان هڪ جبل تان زال کي ڌڪ هنيو ۽ بعد ۾ کيس مٿي تي پٿر هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو