اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)9 مئي جي حوالي سان ترنول ٿاڻي تي داخل ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد شبير عمران خان ۽ ٻين جي بريت واري درخواست منظور ڪندي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. هن ڪيس ۾ عمران خان، اسد عمر، راجا خرم شهزاد نواز، علي نواز اعواڻ، فيصل جاويد، عابد حسين ۽ ظهير خان جي بريت جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. جوابدارن خلاف ترنول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ جوابدارن پاران بريت جي الڳ الڳ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ جوابدار کي سزا نٿي ڏئي سگهجي، ڪيس جو وڌيڪ ٽرائل وقت جو زيان آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽن جي فيصلي موجب جوابدار اسد عمر، علي نواز اعواڻ ۽ فيصل جاويد ضمانت تي آهن، بريت کانپوءِ ضمانتون واپس وٺي سگهن ٿا. ياد رهي ته گذريل سال 9 مئي تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو هو، لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ ن ليگ جي آفيس ساڙڻ کان علاوه فوجي، سول ۽ خانگي تنصيبات کي باهه ڏني وئي، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي سخت نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 290 زخمي ٿي پيا.










