لاهور(ويب ڊيسڪ)پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.لاهور پوليس دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ياسمين راشد ۽ شفقت محمود سميت ٻين کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف شفيق آباد، شاهدره، گلبرگ ۽ ڀٽي گيٽ ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس ڪيس مان دهشتگرديءَ جي خاتمي وارين شقن کي حذف ڪري ڇڏيو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس هاڻي انهن ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ نٿي چاهي.پوليس پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن ضمانت واريون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون.










