مورو (مورائي اياز سولنگي) ڀٽ شاھ کان سکر ويندڙ مسافر ڪوچ سان حادثي جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا موقعي تي ئي بس جي هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا ۽ ٽي ڄڻا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آھن زخمين ۽ فوتين کي مورو پوليس تعلقا اسپتال پهچايو جتي هنگامي بنيادن تي ايمرجنسي نافد ڪئي وئي آھي جڏهن ته مسافر بس ۾ فوتين کان علاوه 20 کان مٿي مسافر سخت زخمي ٿي پيا آھن جن کي فوري طور تعلقا اسپتال پهچايو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ٻئي طرف مسافرن جو چوڻ آھي ته حادثو ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ٿيو آھي ۽ جنهن جي ڪري گاڏي سندس ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ ڪلٽي ٿي پئي ,فوت ٿيندڙن ۾ ممتاز علي عباسي ,امير بخش ۽ ديدار علي تعلقا ڪنگري ضلع خيرپور سان تعلق رکن ٿا,شوڪت علي شيخ ڇوهارا منڊي سکر, ڍولو شيخ تعلقا روهڙي سان تعلق رکن ٿا، عبدالله تڙت به اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي جنهن بعد فوتين جو انگ 6 ٿي ويو ۽ ڏھ کان وڌيڪ مسافرن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جن کي نواب شاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو. واقعي جو ٻڌي ايس پي موٽروي پوليس, ڊي ايس پي مورو, ايس ايڇ او مورو سميت شھر جا سماجي اڳواڻ وڏي تعداد ۾ اسپتال پهچي ويا.










