ڀٽائي جو سُر رپ وڇوڙي سندو ورلاپ

ڀٽائي جو سُر رپ وڇوڙي سندو ورلاپ

ليکڪ  گلشن سنڌو

سنڌي ادب ۾ شاھ جو رسالو ھڪ املھ موتي۽ وانگر جرڪندي ادبي اُفق کي نہ صرف منور ڪري رھيو آھي بلڪہ روحانيت جي خزاني سان مالا مال ڪندي دلي سڪون سان سرشار ڪري ٿو جنھن ۾ موجود سّرن جون سورميون ‘ سونھن ونديون ۽ پرينء جي پرچار ۾ پڇائون ڪندي’ سڪ ۽ صحبت جي سڳي کي سوريندي راز و نياز ‘ نازو انداز ۽ ارادن تي اٽل ‘پختي يقين سان سڪ سُرت ۽ سوڀ  سان منزل ڏانھن وک وڌائيندي نظر اينديون آھن ڀٽائي رح جا سُرَ پرينء جي پريت سميت فراق ۽ غم ‘گوندر جا عڪاس آھن پاڻ سڃاڻڻ’ پرکڻ ۽ پروڙڻ جون سمجھاڻيون پڻ موجود آھن اخلاقي قدرن جو پڻ اھڃاڻ آھن جن ۾ جدائيء ڏکن جو پڻ ذڪر ملي ٿو اھڙن ئي سُرَن مان شاھ رح جو سرُ رپ بہ وڇوڙن جو ورلاپ ورلائي رھيو آھي. 

 رپ لفظ جي معني آھي “ڳري آفت” پرينء لاء وڇوڙو ھڪ رپ جيان آھي جنھن ۾ ھو پَڄرندو ۽ لُڇندو رھي ٿو شاھ صاحب رح فرمائي ٿو تہ’

گُوندَرَ ڪَيو غَرقُ’ ماءُ مُنھنجو جِندُڙو

ڏُکويُنِ مَرَڪُ مٿي سَڳَرِ پنڌِڙو

يعني اي منھنجي امڙ ! منھنجو اندر غمن ٻوڙي ڇڏيو آھي ڏکوئي ڇڏيو آھي ڏکايلن کي ئي پنڌ ڪرڻ سونھين ٿو ھن سر ۾ شاھ لطيف رح نينھن کي وجود ۾ سانڍي رکڻ جي تلقين ڪئي آھي سڪ کي ساھ ۾ سوگھو رکڻ ئي پڪي پريت جو اھڃاڻ آھي ھڪ ٻئي بيت ۾ اچي ٿو تہ’

پَلَ پَلَ ۾ پليانس ‘پلُ نہ رھي پِرينء ريءَ

جِئَن جھوريءَ کان جَھليانس جِھڄِيو تِئن جھوريء پَوي

سرُ رپ  ۾ فراق جو بيان ۽ غمن ڏکن گوندرن ۽ سڪَ جي ڇِڪ جو ذڪر پڻ آھي  پرين جي تنوار ۾ رڳون رَباب وانگر وڄن ٿيون ۽ انھيء ياد ۾ نيڻ ٽِمندا وسندا رھن ٿا جيئن. ‘

ڪڪر منجھ ڪَپارَ’ جُھڙ نيڻئون نہ لَھي

اڄ منھنجي چِتَ ۾’ اُٺا پرينء اَپارَ

آءُ سڄڻ لھُ سارَ’ وِرِھََ  ويڙھي آھيان

منھنجي اکين ۾ ڪڪرن جا انبار آھن جيڪي وسندا رھن ٿا اي پرين ! منھنجي سار لھ محبتن ۾ وڪوڙيل آھيان .

سُر رپ ۾ پرينء سان گڏجڻ جا جتن ڪيا ويا آھن پرين سان ڳالھيون ڪرڻ لاء آتو عاشق وڇوڙي جدائي کي نندي ٿو ھو انيڪ ڳالھيون بہ صرف محبوب سان سلڻ جي اميد رکيو ويٺو آ شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح انھيء ڪيفيت جو بيان ڪجھ ھن ريت ڪيو آھي .

ڳالھيُون پيٽ وَرن ۾’ وڌي وَِڻَ ٿيُون

پَرَ سين مُون نَہ ڪيُون’ گوشي پِرين نَہ گَڏيا

ھن سر ۾ ٻہ داستان آھن جن ۾ تيرھن کان پندرھن بيت موجود آھن ھر بيت پنھنجي اندر ظاھري ۽ روحاني معنيٰ رکي ٿو جنھن ۾ پرينء جي پريت ساھ ۾ سانڍي رکڻ جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آھي شاھ رح فرمائي ٿو تہ’.

نيڻَ نھائينءَ جان’ سُتي لوڪَ ڍَڪيان 

اُجھامِيو ٻَران ‘ توکي ساريندي سُپرين

يعني اي پرين ! آءُ اُجاٌڳ ۾ آھيان لوڪ سمھي ٿو پوي آءُ تنھنجي ھجر ۾ پڄرندي ڪڏھن وساميان پيو تہ ڪڏھن وري ٻران پيو .

سرُ رپ ۾ پريت جي عجيب ڪشمڪش جو ذڪر آھي جنھن ۾ وڇوڙي جو ورلاپ بہ آھي تہ پرين سان ملڻ ۽ انتظار ۾ آتين اکين جو پڻ بيان آھي. سُر رپ ۾ پرين جي ياد ۾ رھندڙ وجود سار جي وجد ۾ رھي ٿو جيڪو ھر پل پرينءَ لاء آتو آھي .ھن سُرَ جي روحاني معنيٰ  آھي تہ رب جا حقيقي ۽ سچا عاشق ھر وقت  ھڪ واحد وحدہ’ ھڪ خدا پاڪ جي ياد ۾ مگن رھندا  آھن ۽ ائين اُھي پنھنجو ازل ۽ ابد سنوارين ٿا#

پهنجو تبصرو موڪليو