بلڙي شاھ ڪريم/ درياخا مري (مهراڻ ڀٽو/ ارباب مري) ملاڪاتيار ڀرسان حاصل موري پيٽرول پمپ سامھون تيز رفتار ويگو جي ٽڪر ۾ نينگري آسيه ڌي محمد الياس سومرو فوت ٿي وئي جنھن کي ملاڪاتيار پوليس پاران ليٽر ڏئي سول اسپتال ٽنڊومحمد خان پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو. جڏھن ته فوت ٿي ويل نينگري جي والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. پوليس ويگو ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. معلوم ٿيو آهي ته ويگو ڪاماري شريف جي پير عبدالمجيد سرھندي جي آهي. ٻئي طرف درياخان مري جي ڳوٺ حاجي محمد خان خاصخيلي ۾ 5 سالن جو نينگر مسرور احمد ولد منظورخاصخيلي مٿان اوچتو ڀت ڪري پئي جنھن بعد فوري طور تي معصوم جو لاش رورل ھيلٿ سينٽردريا خان مري آندو ويو. جتي ڊاڪٽر پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق بعد وارث معصوم جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا. معصوم جو لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.










