نوشھرو فيروز ( ن سنڌيار) ڀريا سٽي تعلقي جي اندر واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي ءَ جي سخت کوٽ خلاف دالي ۽ بدڪا شاخن جي کوٽ خلاف سوين آبادگار روڊ تي نڪري آيا دالي لنڪ روڊ تي آبادگارن جو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي ڌرڻو . آبادگارن شوڪت علي ڪلهوڙو ، منور علي ، محبوب علي ڪلهوڙو ، امام علي ڪلهوڙو ۽ ٻين اڳواڻي دالي لنڪ روڊ تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ، هنن آبادگارن ٻڌايو ته بااثر زميندا ر ۽ سندن ڪمدار بدڪا شاخ ۽ دالي شاخن ۾ هٿرادو پٿر وجهي ٻنڍا هڻي ۽ غير قانوني نوليون جهٽا لڳائي پاڻي چوري ڪن ٿا اختياريون نوٽيس وٺن ڏيڍ مهيني کان فصل ڪاهي نه سگهيا آهيو ن. پاڻي جلد مهيا ڪري فصلن کي بچايو وڃي : دالي ۽ بدڪا شاخن جا آبادگار ڀريا سٽي تعلقي جي واهن ۽ شاخن ، دالي شاخ ، بدڪا شا خ ، دالي شاخ ، سانگي شاخ ، ڀريا ڊسٽري ، گجو شاخ ، قاسم کاهي شاخ ، پنهواري ، ڊينگو سميت ٻين ڪيترن ئي شاخن ۾ پاڻي جي سخت اڻا ٺ سبب فصلن ۽ ڀاڄيون جيڪي پهرين مئي کان پوکائي شروع ڪئي ويندي آهي پاڻي نه هجڻ ڪري اهي فصل به ڪاهجي نه سگهيا آهن ، ان سلسلي ۾ آبادگارن ٻڌايو ته بااثر زميندار ڪجهه شاخن تي غير قانوني جهٽا هڻي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن پاڻي ءَ جي کوٽ سبب پکي پکڻ ۽ جانور به اڃ مرڻ لڳا آهن ، ڀريا سٽي تعلقي جي واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي ءَ جي شدت ا ختيار ڪري وئي ، پاڻي جي اڻاٺ جي سبب انسان ته ڇا پکي ۽ جانور به پاڻي جي ڦڙي لاءِ تر سڻ لڳا ، مختلف فصل ووئڻن جوئر ،ٻاجهر ، جا گاهه ڀاڄين جا فصل به پاڻي ءَ جي کوٽ سبب سرڙڻ لڳاآهن. ڀريا ڀريا سٽي : زمينون پاڻي ءَ جي سخت سوکهڙي سبب بنجر بڻجي ويون آهن ، علائقي جي اٽڪل 80 سيڪڙو زرعي آبادي هن وقت سخت متاثر ٿي وئي ، ڪجهه آبادگا ر 20 سيڪڙو ذاتي ٽيوب ويلن تي فصل جي پوکائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا ، زرعي پاڻي جي کوٽ سبب مڇين جي تلائڻ ۾ هزارين مڻ مڇي مرڻ سبب وڏي پيماني تي آبادگارن جو وڏو نقصان ٿيو آهي










