ڀت ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙي فوت 4 ٻيا ٻار زخمي

خانپور(زبيرگل) رحيم آباد شھر جي کٽي سومرا پاڙي ۾  واهه جو پاڻي گھرن ٻاھران بيٺل ھجڻ سبب گھر جي ڀت ڪري پئي، ڀرسان راند ڪندڙ ھڪ 3 ورھين جي نينگري نذيران ڌي قادر بخش سومرو ڀت ھيٺان دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي وئي. جڏھن تہ ساڻس گڏ راند کيڏندرعزيز پٽ عظيم سومرو، فرحان پٽ غلام شبير سومرو، شاھزيب پٽ قربان سومرو، فاروق پٽ قادربخش سومرو سخت زخمي ٿي پيا زخمي نينگرن کي رحيم آباد اسپتال مان ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن فوتي نينگري جي گھر  لاش  پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو