ڀارت ۾ فلاپ فلم ”لال سنگهه چڍا“،دنيا ۾ ڪامياب

ڀارت ۾ فلاپ فلم ”لال سنگهه چڍا“،دنيا ۾ ڪامياب

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپر اسٽار مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي فلم ”لال سنگهه چڊا“ کي فلاپ قرار ڏيندي عالمي سطح تي ڪامياب قرار ڏنو ويو.ڀارت ۾ مختلف پابندين، احتجاجن ۽ بائيڪاٽ باوجود عامر خان جي فلم ”لال سنگهه چڊا“ کي عالمي سطح تي تمام گهڻي پذیرائي ملي رهي آهي، جنهن کانپوءِ هن بالي ووڊ فلم کي 2022 جي ڪامياب ترين فلم قرار ڏنو ويو آهي.’لال سنگهه چڍا‘ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عامر خان ۽ ڪرينا ڪپور جي فلم ”لال سنگهه چڊا“ اداڪارا عاليا ڀٽ جي فلم ”گنگو بائي ڪاٺياواڙي“ کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب فلم لال سنگهه چڍا هڪ هفتي ۾ سڄي دنيا ۾ 7.5 ملين ڊالر ڪمايا آهن جڏهن ته عاليا ڀٽ جي فلم گنگو بائي ڪاٺياواري 7.47 ملين ڊالر ڪمايا آهن.واضح رهي ته فلم مسٽر پرفيڪشنسٽ تي ڀارت ۾ سخت تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ فلم تي ڀارتي فوج ۽ هندن سان مذاق ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو