نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ اسرائيلي سفارتخاني ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دهلي فائر سروس کي اڻڄاتل شخص پاران اسرائيلي سفارتخاني ويجهو ڌماڪي جي اطلاع ڏني وئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ سيڪيورٽي ٽيمن کي واقعي واري هنڌ تان ڪا به شڪي شيءِ نه ملي، واقعي جي جاچ جاري آهي.ٻئي طرف اسرائيلي پرڏيهي وزارت نئين دهلي ۾ اسرائيلي سفارتخاني ويجهو ڌماڪي جي تصديق ڪئي آهي.اسرائيلي سفارتخاني جي ترجمان موجب ڌماڪو شام 5 لڳي 20 منٽن تي ٿيو، واقعي ۾ سفارتي عملي جا ميمبر محفوظ رهيا.اسرائيلي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هو واقعي جي جاچ لاءِ ڀارتي اختيارين سان رابطي ۾ آهن.










