ڀارت ڪشميرکي نقشي تان هٽائڻ جون حرڪتون پيو ڪري: بلاول

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير کي دنيا جي نقشي تان هٽائڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ڪشمير مسئلي تي ڳالهين کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارتي حڪومت ڪشمير کي دنيا جي نقشي تان هٽائڻ جون حڪمت عمليون اختيار ڪيون آهن.هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جو سنجيده حل چاهي ٿو، ڀارت کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. افغانستان بابت ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام ۽ عدم تحفظ جو ماحول خطي لاءِ پريشاني جو باعث آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ عبوري حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ قائم عبوري حڪومت کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو