اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وفاقي وزير دفاع خواجه آصف پنهنجي ڀارتي هم منصب راجناٿ سنگهه جي متنازع ۽ اشتعال انگيز بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي اهڙي غير ذميواراڻي بيان بازي کي مڪمل طور تي مسترد ڪري ٿو. خواجه آصف چيو ته ڀارت زبردستي واري رويي ۽ سياسي بيانن ذريعي بين الاقوامي طور تسليم ٿيل قانوني حقائق کي تبديل نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان سان مقبوضه جمون ۽ ڪشمير جي حيثيت تبديل ٿيندي. وزير دفاع وڌيڪ چيو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح جو تسليم ٿيل تنازعو آهي، جنهن جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي مرضي موجب ٿيڻو آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جون ڀارتي ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون، ڇاڪاڻ ته ڀارت پاڻ ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست ۽ خطي ۾ عدم استحڪام جو اصل ذميوار آهي، جنهن پنهنجي توسيع پسندانه عزائمن جي ڪري پوري خطي کي یرغمال بڻائي رکيو آهي. خواجه آصف چيو ته پاڪستان امن ۽ ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي پر پنهنجي دفاع جو عزم غير متزلزل اٿس، ڀارتي وزير دفاع جي اها بيان بازي اصل ۾ مودي جي آمراڻي طرزِ حڪومت خلاف ڀارتي عوام جي وڌندڙ غصي تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي.










