ڀارت پاران ايشين گيمز لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم موڪلڻ جو فيصلو

ڀارت پاران ايشين گيمز لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم موڪلڻ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايشين گيمز لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارت ايشين گيمز جي مردن ۽ عورتن جي ايونٽس ۾ شرڪت ڪندو.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي اهم ڪرڪيٽ ٽيم ايشين گيمز ۾ ڊيبيو ڪندي، ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ مقابلا ٽي 20 فارميٽ ۾ ٿيندا.ايشين گيمز ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جون تاريخون سامهون اچي ويون آهن ۽ ڪو به اسٽار ڪرڪيٽر ايشين گيمز ۾ ڪنهن به ٽيم ۾ شامل نه ٿيندو.ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ ايشيائي ملڪن جون ٻه ٽيمون هڪ ئي وقت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ايڪشن ۾ نظر اينديون.ايشين گيمز 23 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين چين ۾ شيڊول آهي، جڏهن ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان 19 نومبر تائين کيڏيو ويندو ۽ ٽيمن کي وارم اپ ميچ به کيڏڻا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو