ممبئي (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گهرواري ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ڀارت جي 75 هين آزادي جي موقعي تي خاص پيغام شيئر ڪيو آهي.ثانيه مرزا فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.هن وڊيو ۾ ثانيه مرزا کي ٻن ڏهاڪن جي ٽينس ڪيريئر جي يادگار لمحي ۾ هندستاني جهنڊو هٿ ۾ کڻي ڏسي سگهجي ٿو.هن وڊيو شيئر ڪندي لکيو آهي ته ”ميرا ڀارت، ميرا فخر هي“.










