ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا ويزا ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ”سياسي بنيادن تي“. روڪي ڇڏيا آهن. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل (پي بي سي سي) جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت پاڪستاني ٽيم کي عالمي ٽورنامينٽ لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ٽورنامينٽ پاڙيسري ملڪ ۾ 5 کان 17 ڊسمبر تائين ٿي رهيو آهي. ”هن بدقسمتي واري واقعي پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مايوسي ۾ وجهي ڇڏيو آهي،“ ڪائونسل چيو ته پاڪستان جي ٽيم 2012 ۽ 2017 ۾ رنر اپ رهي آهي. پاڪستاني ٽيم جو ڀارت سان 7 ڊسمبر تي ميچ رٿيل هئي. اسين سمجهون ٿا ته ڀارت کي ڪيترا ڀيرا هارائڻ سبب ٽورنامينٽ کان باهر رکيو پيو وڃي.










