ڀارتي ڳائڻي جي سينا زوري، حديقه جي گاني جي ڌن چوري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڳائڻي ڪانيڪا ڪپور بي شرمي سان دعويٰ ڪئي آهي ته هن پاڪستاني ڳائڻي حديقہ ڪياني جي گاني ”بوهي باريان“ جي نقل نه ڪئي آهي، پر هن پنهنجي نئين ٽيون ٺاهي آهي. ڪانيڪا ڪپور حديقہ ڪياني جي 1999 ۾ رليز ٿيل فلم ’بوهي باريان‘ جي نقل ڪئي ۽ ساڳئي عنوان سان 28 اپريل تي هڪ گيت جاري ڪيو. ڪانيڪا ڪپور جي گاني جي رليز ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد حديقه ڪياني ڀارتي ڳائڻي پاران گاني جي نقل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. جڏهن ته هاڻ ڀارتي ڳائڻي به ڍٽائي سان دعويٰ ڪئي آهي ته هن پاڪستاني فنڪار جو گيت چوري ناهي ڪيو پر هن ۽ سندس ٽيم تمام گهڻي محنت سان لوڪ گيت جي ڌن پاڻ تيار ڪئي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته سندس رليز ڪيل گيت اصل آهي، جنهن جا ٻول ڪنور جنيجا لکيا آهن جڏهن ته ميوزڪ شروتي راڻي ترتيب ڏني آهي. ڀارتي ڳائڻي دعويٰ ڪئي ته سندس گانو رليز ٿيڻ کانپوءِ کيس توهين آميز پيغام موڪليا پيا وڃن ۽ سندس خلاف نامناسب ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سندس گيت رليز ٿيڻ کانپوءِ جن ماڻهن مٿس چوري جو الزام لڳايو، اهي ماڻهو ڪٿي هئا جڏهن هن گاني جو ٽيزر جاري ڪيو هو؟ ان وقت ڪنهن به دعويٰ ڇو نه ڪئي؟

پهنجو تبصرو موڪليو