ڀارتي نوجوانن جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج

ڀارتي نوجوانن جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج

نئين دهلي: (ويب ڊيسڪ) نام نهاد جمهوريت جو چهرو پڌرو ٿي ويو، ڀارتي پوليس احتجاج ڪندڙ نوجوانن تي سخت تشدد ڪيو ۽ گوليون هلايون. مودي جي بيدردي ۽ تعليمي نظام ۾ موجود بي ضابطگين تي نوجوانن مودي ۽ ڀارتي تعليم واري وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي باني ابهيجيت ديپڪي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي دهلي پوليس جي بربريت شرمناڪ آهي، مودي پوليس کي غنڊه گردي تي لڳائي ڇڏيو آهي. ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي پڻ مودي ۽ پوليس جي غنڊه گردي کي پرامن جمهوري احتجاج ڪندڙ ڀارتي نوجوانن جي تذليل قرار ڏنو آهي.عالمي رسالي ‘الجزيره’ موجب، ڀارتي پوليس پارليامينٽ ڏانهن ويندڙ رستن تي پکڙيل هجوم کي روڪڻ لاءِ نوجوانن تي بدترين تشدد ڪيو. ‘نيويارڪ ٽائمز’ جو چوڻ هو ته احتجاج ۾ شامل 60 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته دهلي جي 2 اسپتالن ۾ 100 کان وڌيڪ زخمين کي آندو ويو. ٻئي طرف ‘بلومبرگ’ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته انساني حقن جي تنظيمن به نوجوانن جي احتجاج دوران ڀارتي پوليس جي بيدردي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج ۾ پوليس جي بربريت پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀارتي نوجوانن کي به مڇرائي ڇڏيو آهي. برطانيا جي شهرن مانچسٽر ۽ لنڊن ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي اڳيان مظاهرين مودي جي ظالمانه قدمن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. امتحانن جي اسڪينڊل کان شروع ٿيندڙ ڀارتي نوجوانن جو احتجاج هاڻي مودي جي آمرانه نظام خلاف هڪ منظم تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو