ڀارتي مگ  21 جنگي جهاز راجسٿان ۾ ڪري تباهه

ڀارتي مگ 21 جنگي جهاز راجسٿان ۾ ڪري تباهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ)هندستاني هوائي فوج جو MiG-21 جنگي جهاز راجسٿان ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب مگ 21 فائٽر جيٽ راجسٿان جي هنومان ڳڙهه ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪري تباهه ٿيل فوجي جهاز جو پائليٽ محفوظ رهيو پر جهاز ڪري تباهه ٿيڻ سبب زمين تي موجود 2 شهري مارجي ويا.رپورٽ موجب تباهه ٿيل جهاز سورت ڳڙهه کان اڏام ڪيو هو.واضح رهي ته ڀارتي هوائي فوج جي جهازن جا حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ۽ ان قسم جا حادثا ڏينهون ڏينهن سامهون ايندا رهندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو