ممبئي (ويب ڊيسڪ)نوجوان اڳوڻي ڀارتي ماڊل جي قتل ۾ ملوث مبينا جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پوليس موجب اڳوڻي ماڊل دييا پاهوجا جي قتل ۾ ملوث بلراج گل نالي جوابدار کي گذريل ڏينهن اولهه بنگال مان گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته بلراج گل مبينا طور تي اڳوڻي ماڊل جي لاش کي ملڪر ندي ۾ پنهنجي ساٿي روي بنگا سان گڏ اڇلائي ڇڏيو.پوليس موجب، بلراج گل پنهنجي ساٿي روي بنگا سان گڏ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر سندس ڪوشش ناڪام بڻائيندي کيس ڪلڪتي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته روي بنگا اڃا تائين فرار آهي.










