ڀارتي فورس ٻن مهاڻن کي کنڀي وئي، انگ 62 ٿي ويو

جاتي(محمد صديق ٻارڻ ) ڀارتي فورسز جي پاڪستاني ماهيگيرن تي ڪاهه هوڙي سميت ٻن ماهيگيرن کي کنڀي وئي گرفتار پاڪستاني ماهيگيرن جو انگ 62 ٿي ويو. ڳوٺ الهجڙيو ٿيمور جا رهواسي احمد ولد صالح ٿيمور ۽ حمزو ٿيمور کي انڊين فورس گرفتار ڪري هوڙهي سميت کنڀي وئي. پاڪستان فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ نور محمد ٿيمور تصديق ڪندي چيو ته انڊين فورسز پاڪستاني حدن ۾ ڪاروائي آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار ٿيل ماهيگيرن جو انگ 60 وڌي 62 ٿي ويو آهي تازو گرفتار ٿيل ماهيگيرن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. هو غريب آهن ۽ پنهنجي ٻچن جي پيٽ پوڄا لاءِ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار تي ويل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو