ڀارتي فوج سرينگر تي غيرقانوني قبضو ڪيو آهي: اسحاق ڊار

ڀارتي فوج سرينگر تي غيرقانوني قبضو ڪيو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارتي فوج سرينگر تي غيرقانوني قبضو ڪيو آهي.والاريل ڪشمير ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947 جو ڪارو ڏينهن ياد رکيو ويندو.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارتي قبضي جي 78 سالن کان پوءِ به ڪشميري عوام اڃا تائين ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن، ڀارت مسلسل گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي.هن چيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته ڪشمير مسئلي جي حل ۾ ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو