نئين دلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي فضائيه جي ايئر مارشل اوديش ڪمار يعني اي ڪي ڀارتي تصديق ڪئي آهي ته پاڪستاني ايئرفورس پاران رافيل جهاز ڪيرايو ويو آهي، هن چيو ته “اسين جنگ جي حالت ۾ آهيون، ۽ جنگ ۾ نقصان ٿيندو آهي.” نئين دهلي ۾ ڀارتي ڊي جي ايم او، ليفٽيننٽ جنرل راجيو گهائي، ايئر مارشل اي ڪي ڀارتي ۽ وائيس ايڊمرل اي ايس پرامود هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي جڏهن صحافي ايئر مارشل اوديش ڪمار (اي ڪي) ڀارتي کان پڇيو ته ڇا هو ان بابت انگ اکر ڏئي سگهن ٿا ته ڀارت ڪيترا اثاثا وڃايا آهن، ۽ ان بابت به ته بين الاقوامي ميڊيا ۾ رافيل جهازن جي ڪري پوڻ جون خبرون هلي رهيون آهن. ان سوال جي جواب ۾ ايئر مارشل اي ڪي ڀارتي چيو ته ڀارت هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ جنگ ۾ نقصان ٿيندو آهي. هن صحافي کي چيو ته کيس اهو پڇڻ گهرجي ته ڇا ڀارت پنهنجا هدف حاصل ڪري ورتا آهن، خاص طور تي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ وارو هدف، ته ان جو جواب ها ۾ آهي. ايئر مارشل اي ڪي ڀارتي چيو ته نقصانن بابت هو هن وقت ڪو تبصرو نه ڪندو ڇو ته ان سان دشمن کي فائدو ملي سگهي ٿو، ۽ هو دشمن کي ڪو به فائدو ڏيڻ نٿا چاهين. ايئر مارشل اي ڪي ڀارتي جو چوڻ هو ته هو رڳو ايترو چوندو ته اسان پنهنجا هدف حاصل ڪري ورتا آهن ۽ انهن جا سمورا پائلٽ حفاظت سان واپس اچي ويا آهن. ياد رهي ته 9 مئي 2025 تي پاڪستان جي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ بين الاقوامي ميڊيا آڏو ڀارتي ڪوڙ کي وائکو ڪندي ٻڌايو هو ته پاڪستاني فضائيه ڀارت جا پنج جهاز ڪيرايا آهن. هن ٻڌايو ته تباهه ڪيل ڀارتي جهازن ۾ 3 جديد رافيل، هڪ مگ 29 ۽ هڪ ايس يو 30 شامل هئا. ڀارت روايتي ضد ۽ ڪوڙ جي بنياد تي جهازن جي ڪرڻ واري خبر کان انڪار ڪيو هو، ڪجهه ڀارتي ميڊيا چينلن ان جي تصديق ڪئي، پر بعد ۾ مودي سرڪار انهن خبرن کي هٽائي ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ سينيئر ايئر فورس آفيسر گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڀارتي رافيل جهازن کي ڪيرائڻ جا ناقابل ترديد ثبوت پيش ڪيا، جن ۾ ڀارتي جهازن جا نمبر ۽ انهن جي تباهي واري جڳهن جا تفصيل به شامل هئا. ان کان علاوه، آمريڪي نشرياتي اداري ’سي اين اين‘ جي اينڪر ۽ سيڪيورٽي معاملن جي ماهر جم سڪيٽو سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي ٻڌايو ته فرانس جي هڪ اعليٰ سطح جي انٽيليجنس آفيسر رافيل جهاز جي ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي.ڀارتي فوجين پريس ڪانفرن ۾ دعوا ڪئي ته اسنجي جنگ دهشتگردن خلاف هئي، پاڪستاني فوج سان نه هئي. پاڪستان جا 35 کان 50 فوجي سرحد تي مارجي ويا آهن ۽ دوشتگردن جي 9 ٺڪاڻن تي ڪامياب ڪاروائي ۾ 100 کان مٿي دهشتگرد ماريا ويا آهن، جن ۾ يوسف اظهر ۽ عبدالملڪ رئوف ۽ مدٿر احمد جهڙا هاءِ ويلو ٽارگيٽ به شامل آهن.ٻئي پاسي ڀارت جي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي وزيراعظم مودي کي خط لکي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










