ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ، 2 شهري شهيد

ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ، 2 شهري شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بلا اشتعال فائرنگ سبب 2 شهري شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي فوج ستوال سيڪٽر ۾ ڪشميري چادرن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 شهري شهيد ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو.آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج اڄ رات 11 لڳي 55 منٽن تي ايل او سي جي ستوال سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ 22 ورهين جو شهري عبيد قيوم ۽ 55 ورهين جو محمد قاسم شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايل او سي تي شهرين جي تحفظ لاءِ جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو، هي جيو پوليٽيڪل مقصدن، غلط بيانن، ڀارتي فوج پاران ڪوڙا الزام هڻڻ جو نئون سلسلو آهي.آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت منصوبي تحت ٺاهيل بيانن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ معصوم زندگين کي ڳولي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو