ڀائرن جي زيادتين خلاف نوجوان جو احتجاج

ڀائرن جي زيادتين خلاف نوجوان جو احتجاج

دادو(ن س)ڀان سعيدآباد جي ڳوٺ محمد عرس پنهيار جي رهواسي غلام سرور پنهيار احتجاج ڪري دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وڏن جي زمين ڳوٺ محمد عرس پنهيار ديھ آر بي ۾ آهي جنهن تي منهنجي ننڍي ڀاءُ امير ۽ سندس پٽ اظهر پنھيار قبضو ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته 200 جريب زمين 6 دوڪان ۽ 2 جڳھيون آهن جنهن تي ڀاءُ قبضو ڪري ويٺل آهي هڪ سال اڳ پنهيار برادري جي نيڪ مرد محمد عمر ڪلام پاڪ تي فيصلو ڪيو جنهن تان ڀاءُ هڪ مهيني بعد فيصلي تان ڦري ويو هاڻي مير تيمور خان پنهور ۽ سيد لعل محمد شاھ ڪلام پاڪ تي فيصلو ڪيو جنهن ۾ زمين لکي ڏيڻ تي ڀاءُ امير ڪلام پاڪ تي ھٿ رکي ملڪيت لکي ڏيڻ تي راضي ٿيو، هاڻي جائيداد لکي ڏيڻ بدران مون مٿان 2 ڀيرا فائرنگ ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس حد جي پوليس ساڻس مليل آھي،صبح جو منهنجي پٽ ثناءۡ الله منهنجي هارين ستار جمالي ۽ امير بخش رند مٿان زمين تي حملو ڪري مٿن تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي، آءُ سرڪاري ملازم آهيان مون کي ۽ منهنجي گهرڀاتين جي زندگي کي خطرو آهي وڏو وزير سيد مراد علي شاھ فوري طور ايس ايس پي دادو، ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي ايس پي سيوهڻ ۽ ايس ايڇ او ڀان سعيد آباد کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ننڍي ڀاءُ امير پنهيار کي گرفتار ڪري زمين جو حصو ڏياريو وڃي ۽ مون مٿان فائرنگ ۽ پٽ ۽ هارين مٿان تشدد جو ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو