ٿڌ ۾ اضافو، گرم ڪپڙن جا اگهه چوٽ تي، غريب طبقو پريشان

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) ٿڌ ۾ اضافو ٿيڻ کان پوءِ گرم ڪپڙن جي دڪانن ۽ ريڙهن تي خريدارن جي رش لڳڻ ڪري گرم ڪپڙن جا اگھ به واپارين چوٽ تي چاڙھي ڇڏيا آهن. اٽي، لٽي لاءِ به پريشان غريب طبقو سيءَ  کان به پاڻ بچائڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. پورهيتن اسد مغيري، وسيم جتوئي، جي ايم وڳڻ، مجاهد خاصخيلي، شرف الدين پنهور ۽ ٻين چيو ته سخت سيءَ پوڻ ڪري نئون ڪپڙو خريد نٿا ڪري سگهون پر پراڻا لنڊي جي گرم ڪپڙن جا اگھ آسمان سان ڳالهيو ڪري رهيا آهن.

ٿڌ ۾ اچانڪ واڌ سبب پورهيت طبقو سخت پريشاني جو شڪار پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني مشڪل ملي پئي گرم ڪپڙا ڪٿا خريد ڪنداسين حڪومت طرفان مھانگائي جي ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. سيءَ سبب اسڪولي ٻارڙن لاءِ به گرم ڪپڙا نٿا خريد ڪري سگهون. سيءَ کان بچڻ لاءِ سرڪاري کي اپاءَ وٺي انساني زندگي بچائڻ لاءِ گرم ڪپڙن جا اگھ گهٽ ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو