دڙو( رپورٽ: شوڪت ميمڻ)سجاول ۾ ٿيليسيميا جا راڱا، 600 کان مٿي معصوم ٻارڙا ٿيليسميا جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا، ٿيليسيميا ۾ مبتلا سوين ٻارڙا وقت سر خون جو پورائو نه ٿيڻ ۽ گھربل علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب ٽڙڻ کان اڳ ڪومائجي وڃن ٿا، ٺٽو ۽ سجاول جي ٻنھي ضلعن ۾ 600 کان مٿي مريض ھئڻ باوجود(ٿيليسيميا سينٽر) بلڊ بئنڪ به قائم نه ٿي سگھي، رت پياڪ هن موذي مرض جو واحد علاج رت چاڙهڻ ھجڻ ڪري بيماري ۾ مبتلا ٻارڙن کي رت چاڙهائڻ لاء وارثن کي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجيو وڃي، ٻنهي ضلعن ۾ ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي وارث ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين طرف رت چاڙهائڻ لاء وڃڻ تي مجبور بڻيل آهن، مليل ڄاڻ مطابق فقط سجاول ضلعي ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ٻارڙا ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهن جن ۾ مريضن جو وڏو انگ سجاول ضلعي جي ساحلي تعلقن جاتي ۽ شاھبندر جو آهي جن لاء هي رت پياڪ بيماري وڌيڪ پريشاني جو سبب انڪري بڻيل آهي جو ساحلي علائقن کان وڏو سفر ڪرڻو پوي ٿو. سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي ٿيليسميا جي مريضن جي سوين والدين پاران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي تہ جلد کان جلد سجاول ضلعي ۾ بلڊ بينڪ(ٿيليسيميا سينٽر) قائم ڪيو وڃي تہ جئين اسان کي پنهنجي مريض ٻچن کي رت چاڙهائڻ لاء سخت پريشان ٿي پري پري تائين وڃڻو نہ پوي۔ ماهرن مطابق ٿيليسميا موروثي مرض آهي جيڪو والدين جا جزا نہ ملڻ ڪري ٻارن ۾ منتقل ٿئي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي تہ شاڌي کان اڳ ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي تہ جئين رت جا جزا نہ ملڻ تي علاج ڪرائجي تہ جئين اولاد ٿيليسميا جو مريض پيدا نہ ٿئي. ماهرن موجب
ٿيليسيميا مريض جي علاج جا ٻہ ئي طريقا آھن، ھڪ عارضي علاج خون چاڙھائڻ آھي ۽ ٻيو آپريشن جنھن کي بون ميرو ٽرانسپلانٽ چئجي ٿو، مريض جي عمر جي حساب سان مھيني ۾ چار کان چھ بوتلون رت جون لڳن ٿيون، جڏھن ته بون ميرو وري ٻار کي جيترو بہ ٿي سگھي ننڍي عمر ۾ ڪرائجي ته ڪاميابي جا چانس زياده ھوندا آھن، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ٿيليسميا سبب ڪيترن ئي ٻارڙن جون زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن، اڳين بون ميرو جي سھولت فقط ٻاھر ملڪ ۾ ھوندي ھئي پر ھاڻ پاڪستان ۾ بہ ڪافي ھنڌن اھو علاج موجود آھي، پر انتھائي مھانگو آھي، ڪراچي ۾ ملڪ جي نالي واري ڊاڪٽر طاهر شمسي بون ميرو ٽرانسپلانٽ جو بنياد رکي علاج شروع ڪيو آھي، بون ميرو ۾ %78 مريضن جي ٺيڪ ٿيڻ جا چانس هوندا آهن. تازو گمبٽ ۾ ٿيليسيميا جي جديد علاج بابت ٽيڪنالاجي ھجڻ ڪري مريض کي علاج جون سهولتون دستياب آھن. بون ميرو جو مڪمل خرچو لڳ ڀڳ ھڪ ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو. ، جيڪو ڪنھن غريب لاء برداشت ڪرڻ ناممڪن آھي. ماهرن موجب ٿيليسميا جي علامتن ۾ مريض ٻارڙن ۾ رت جي تمام گھڻي گھٽتائي هوندي آهي، ٻار جو منهن ڦڪو ۽ ڦلڙو ٿي ويندو آهي ۽ منهن تي آموس هوندي آهي، ٻار جي بک مئل هوندي آهي، ٻار جي جسماني اوسر دير سان ٿيندي آهي، منهن جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي جڏهن تہ ڪيترن ئي ٻارن جي منهن جا هڏا وڌي يا ٽيڏا ٿي ويندا آهن، ٻارن جي تري ويل، سڄل هوندي آهي ۽ ڪيترن ئي ٻارن جي تريء ۾ سور هوندو آهي.










