اسلام ڪوٽ(ن سنڌيار)ٿرڪول ۾ مقامي ماڻهن سان زيادتيون بند ڪريو،ڪوئلي جي وارثن کي روزگار ۽ سهوليتون ڏيو،ٿرڪول ۽ گوڙاڻو ڊيم ايريا جي مختلف ڳوٺن جا رهواسي روڊن تي نڪري آيا،سوين ماڻهن جي ريلي،مظاهرو،پريس ڪلب آڏو ٻه ڪلاڪ ڌرڻو،ڪمپنين خلاف سخت نعربازي،انصاف جي گهر،تفصيل موجب:ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي مبينا زيادتين خلاف رهواسي هڪ ڀيرو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا انهي سلسلي ۾ ڪالھ ٿرڪول بلاڪ ٽو،بلاڪ ون،گوڙاڻو ڊيم،ڌڪڙڇو ۽ ويجهيار ڊيم جي مختلف ڳوٺن جي سوين رهواسين پاران ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻ امير حسن راهمون ۽ پاڪستان سوشل ايڪو مومينٽ جي ڪنوينر ياسمين شاه جي اڳواڻي ۾ حاجي سراج سومرو پيٽرول پمپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٻن ڪلاڪن تائين نهٽڻ اۡس ۾ ڌرڻو هنيو،ڌرڻي ۾ شامل متاثرن پاران ڪمپنين جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي،اۡنهي موقعي تي احتجاج ڪندڙ متاثرن دانهيندي چيو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪندڙ ڪمپنين اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ڪمپنين جيڪي واعده ڪيا انهي تي ٽڪي جو عمل نٿو ڪيو وڃي روزگار ڏيڻ بجاء مقامي ماڻهن کان کسيو پيو وڃي،ريلي ۾ پاڪستان سوشل ايڪو مومينٽ جي اڳواڻ ياسمين شاھ، مصطفيٰ علي شاھ، اسلم ملاح ۽ٿرسماجي تحريڪ جي صدر امير حسن راھمون، رسول بخش سمون، نصير نون، ديدار لنجو، جھامن داس مينگھواڙ، راڻو ڀيل عبدالعزيز قادري سميت سوين متاثر ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي،ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته فطرت دشمن ٿر ڪول ڪمپنين جي پاليسين غريب ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آھي. ٿر ڪول ۾ مقامي ماڻھن کي رزوگار ۽ مزدوري تي لڳائڻ بجاءِ ٺيڪيداري سسٽم تحت ۽ وڏيرن جي سفارشن تي چند ماڻھن کي نوازڻ سميت ڌارين کي روزگار تي لڳايو پيو وڃي،مقامي پورهيت بيروزگاري سبب لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن،ٿر ڪول جي کاڻين جو زھريلو پاڻي بغير پلاننگ جي کليل زمين تي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي،جنھن سان سوين ايڪڙ زمين خراب ٿيڻ سميت چوپايو مال مرڻ لڳو آھي،هزارين قديمي وڻ سڪي ختم ٿي رھيا،مقامي ڳوٺاڻن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪري ڌارين کي روزگار ڏنو پيو وڃي مقامي پورهيتن کي تنگ ڪري ڪڍيو پيو وڃي،بلاڪ ون تي ريسيٽل مينٽ پاليسي تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائندي چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ مقامي پورهيتن سان ماٽيجي ماءۡ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي مزدورن کي پنهنجي حقن لاءِآواز اۡٿارڻ تان بليڪ لسٽ ڪري ڪڍيو پيو وڃي،ڪجھ مهينن ۾ سوين پورهيتن کي مختلف طريقن سان بيروزگار ڪيو ويو آهي،نوجوان هر روز سائيٽ آفيس تي وڃن ٿا پر ڪير دانهن نٿو ٻڌي ماڻهو پنهنجون زمينون ڏيئي دربدر ٿي ويا آهن ڪمپني عملدار علائقي ۾حاڪم بڻجي ويٺا آهن ڪو آفيسر دانهن ٻڌڻ ته ٺهيو پر ملڻ لاء ئي تيار نه آهي ڪو مسئلو ٿي پوي ٿو ته فون به نٿا کڻن اسان کي ڪا به سهوليت نٿي ڏني وڃي ڳوٺن ۾ کوھ سڪي ويا آهن پيئڻ جو پاڻي به ناھي آر او پلانٽ ٿر فائونڊيشن جي حوالي ڪيا آهن جيڪي ويتر غير فعال بڻجي ويا آھن.اڳواڻن چيو ته بلاڪ ٽو جي انتظاميه متاثر ڳوٺاڻن کي رڳو سکڻا خواب ڏيکاريا هاڻي متاثرن جي حالت اها آهي جو چند وڏيرن ۽ من پسندن کي ڇڏي باقي سمورن متاثرن کي رسوا ڪيو ويو آهي،ڪو آواز اٿاري ٿو ان کي ۽ اۡن جي عزيزن کي به بيروزگار ڪري انتقام ورتو پيو وڃي،زمين اسان جي جتان ڪوئلو نڪتو آهي ۽ بجلي به تيار ٿي ويئي پر اسان لاء لائيٽ ڪونهي بلاڪ ٽو جي ڪنڌي تي آباد عمري ۽ کيمي جي ڍاڻي جي گذريل 4 سالن کان بجليءَ بند پئي آھي جنهن مان ھڪ سئو يونٽ بجلي فري ڏيڻ واري ڳالھ جي به پت وائکي ٿي چڪي آھي.اۡنهي موقعي تي سوشل ايڪو مومينٽ جي چيئرمين ياسمين شاھ ڳالهائيندي.چيو ته ٿر ڪول پراجيڪٽ ماحولياتي تبديلي جو ڪارڻ آھي.جنهن ٿر جي ماڻھن جي رھڻي ڪرڻي کي متاثر ڪري ڇڏيو آھي، وڻن ٽڻ ۽ مال جو گاھ سميت فطرت سان ھم آھنگ ۽ جياپي جي ھر ذريعي کي ختم ڪيو پيو وڃي کوھن جو پاڻي سڪي ويو آھي، گوڙاڻو ڊيم ٺاھي هزارين ايڪڙ زمين کي تباھ ڪيو آهي،جيڪا پائپ لائين وڇائي آھي اۡنهي سان ڳوٺاڻن جي زمين متاثر ٿي آھي ڳوٺاڻا معاوضي جي لاءَ در در ٿي رهيا آھن،هن چيو ته ٿر ڪول جي سمورن مسئلن جي حل لاءَ پاڪستان سوشل ايڪو مومينٽ ۽ ٿر سماجي تحريڪ آخري دم تائين متاثر ماڻھن سان گڏ بيهنديون.










