ٿريٽ الرٽ سبب ڪنٽينر مخصوص هنڌن تي لڳايا ويا آهن، عامرمير

ٿريٽ الرٽ سبب ڪنٽينر مخصوص هنڌن تي لڳايا ويا آهن، عامرمير

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير چيو آهي ته لاهور ۾ پوليس جلسي گاهه ڏانهن ويندڙ رستا بلاڪ نه ڪيا.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر مير چيو ته بيريون لڳائي ماڻهن کي جلسي ۾ وڃڻ کان نه روڪيو ويو، مخصوص هنڌن تي ڪنٽينر لڳايا ويا جڏهن ته ٿرريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو.عامر مير جو چوڻ آهي ته عوامي جلسن جي صورت ۾ دهشتگردي جا خطرا وڌي ويندا آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران شهرين جي حفاظت لاءِ چيڪنگ ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي ريلي ۾ شامل ٿيڻ کان نه روڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ کي اجلاس جي اجازت ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو