ٿاڻي تي هينڊ گرنيڊ سان حملو، هڪ سپاهي زخمي

ٿاڻي تي هينڊ گرنيڊ سان حملو، هڪ سپاهي زخمي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن ڪوئٽا جي سول لائين ٿاڻي تي هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ اهلڪار صبور اچڪزئي زخمي ٿي پيو. ايس ايس پي آپريشن زوهيب محسن چيو ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي ۽ سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ڪوشش ڪريون پيا. هن چيو ته گرنيڊ گيٽ وٽ ڦاٽو، جوابدار فرار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو