پ پ ۽ ن ليگ ۾ معاملا طئي، زرداري صدر ۽ شهباز وزيراعظم

پ پ ۽ ن ليگ ۾ معاملا طئي، زرداري صدر ۽ شهباز وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت سازي لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ شهباز شريف ۽ آصف زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پنهنجا انگ مڪمل ڪري ورتا آهن، شهباز شريف ٻنهي پارٽين جو متفقه اميدوار هوندو. آصف زرداري ملڪ جو صدر هوندو.ان کان اڳ اسلام آباد ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ حڪومت سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ بلاول ڀٽو، شهباز شريف، اسحاق ڊار، مراد علي شاهه، قمر زمان ڪائره ۽ احسن اقبال به موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن نيڪ دعا به ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو