پ پ کانسواءِ سڀني پارٽين چونڊ مهم شروع ڪئي آهي: شيخ رشيد

پ پ کانسواءِ سڀني پارٽين چونڊ مهم شروع ڪئي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پيپلز پارٽي کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين چونڊ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته اسان تي نااهل حڪومت مسلط ڪئي وئي آهي، نواز شريف 14 ڀيرا فوج ۽ آرمي چيف تي تنقيد ڪئي، گذريل ڏينهن به جنرل فيض جو نالو وٺي رڳڙو ڏنو ويو شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ نه ڏنو، وڪيلن اي اين ايف ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ نه ڏني جڏهن ته منهنجي ڀائٽي کي روز عدالت ۾ زليل ۽ خوار ڪيو پيو وڃي هن چيو ته مان عوام کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته جلد چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ ملڪ جي مسئلن جو حل جلد چونڊون ۾ ئي آهن، ملڪ جي مقتدر حلقن کي به چوان ٿو ته جلد چونڊون ڪرائن هن چيو ته جي يو آءِ ف ۽ ن ليگ به عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، پ پ کانسواءِ سمورين پارٽين چونڊ عوامي رابطا مهم شروع ڪري چڪيون آهن

پهنجو تبصرو موڪليو