ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريئنز عام چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽن لاءِ درخواستن جي طلبي جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽن جا خواهشمند اميدوارن جي لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. پارٽي ٽڪيٽن جي لاءِ درخواستون صدر پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جناب آصف علي زرداري جي نالي تي موڪليون وڃن. هر درخواست سان گڏ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، درخواست تي تڪ نمبر، پنهنجو رابطي نمبر ۽ قومي اسيمبلي جي پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ 40000 روپيا ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ جي لاءِ 30000 روپين جو پي آرڊر يا بينڪ ڊرافٽ گڏ ضروري آهي. پي آرڊر يا بينڪ ڊرافٽ ڪنهن به بينڪ کان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي نالي تي ٺهرايو وڃي. درخواستون 15 مئي تائين هيٺ ڏنل ايڊريس تي ڪوريئر ڪرائي سگهجن ٿيون. پاڪستان پيپلز پارٽي، سينٽرل سيڪريٽريٽ اسلام آباد،هائوس نمبر 1 ، اسٽريٽ 85 ، جي 6/4 ، اسلام آباد ،0345-5524124 بلاول هائوس ڊي _ 30 بلاڪ 3، ڪلفٽن ڪراچي 02135838102 ڪري سگهجي ٿو.










