ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديات کاتي واري صوبائي وزيرسيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي مزدورن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي ترقي مزدورن جي خوشحالي تي منحصر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ علي هائوس ڪراچي ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مزدور اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو وائيس چيئرمين نجمي عالمي، پيپلز ليبر بيورو سنڌ جو صدر حبيب جندي، واٽر بورڊ پيپلز ليبر بيورو جو صدر لياقت مگسي، ليبر بيورو جو سيڪريٽري محسن رضا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هن چيو ته پورهيت طبقو ڪنهن به ملڪ يا سماج جي ترقيءَ ۾ ريڙهه جي هڏي وانگر هوندو آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن مزدورن ۽ انهن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آهي ۽ پيپلز پارٽي مزدورن ۽ هارين جي پارٽي آهي ۽ پيپلز پارٽي هميشه انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن جي ڀلائي ۽ سندن انقلابي جدوجهد جي ڪاميابي تي يقين رکي ٿي. پيپلز پارٽي هميشه مزدورن ۽ پورهيت طبقي جي بحالي ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ قدم کڻندي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن جي وڌيڪ بهتري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مزدورن جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل رهندي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي ترقي ۾ مزدورن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مزدور نيڪ نيتي ۽ ايمانداري جي شاندار روايتن جا امين آهن ۽ صوبائي حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پورهيت طبقي جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي مزدورن جي خوشحالي ۾ تي منحصر آهي، پيپلز پارٽي جي جدوجهد مزدورن کي سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي پورهيت طبقي جي خوشحالي لاءِ قدم کڻندي.










