پ پ مخالفن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن: اياز لطيف

پ پ مخالفن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن: اياز لطيف

حيدرآباد(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اليڪشن ڪميشن گم آھي. سنڌ حڪومت تعليم سميت مختلف کاتن جي ڪرپٽ آفيسرن کي ڊي آر او ۽ آر او مقرر ڪري مخالفن جا فارم رد ڪري ڇڏيا آھن. جن مخالفن جا فارم بحال ٿيا آھن، انھن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا پيا آھن. بلدياتي اليڪشن کٽڻ لاء پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ غنڊه راڄ قائم ڪري رکيو آھي. صوبائي ۽ وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق جون ڌڄيون اڏائي اليڪشن مھم ھلائي رھيا آھن پر اليڪشن ڪميشن اکيون بند ڪري سمھي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ڪرپشن ذريعي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، غربت ۽ بدحالي جي ڪري ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. پيپلز پارٽي اليڪشن کان خوفزده آھي ان ڪري عورتن، مزدورن، ھارين کان زبردستي ھٿ کڻائڻ لاء قرآن، نياڻيون ميڙ ۽ منٿ ميڙ قافلا وٺي ھٿ کڻائي رھي آھي. ھٿ نہ کڻندڙ اميدوارن لاء ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي. ڪوڙا ڪيس، حملا ۽ چوريون ڦرون ڪرايون پيون وڃن. ھوڏانھن حيدرآباد ۾ ھٿرادو نموني قومي عوامي تحريڪ جي رد ڪيل اميدوارن فارمن جي بحالي لاء سيشن ڪورٽ اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون، جنھن تي عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ۽ آر اوز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي اميدوارن چيو تہ قاسم آباد تعليم کاتي جي ڪرپٽ ٽي اي او اسماعيل لغاري کي آر او مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن ڪرپشن ۽ پروموشن جي لالچ ۾ صوبائي وزير جي ڀاء ڪاشف شورو ۽ ٻين وڏيرن سامھون يوسي 155، 156، 157 ۽ مختلف وارڊن تان قومي عوامي تحريڪ جي اميدوار خادم شورو، غلام نبي سومرو، جي ايم بليدي، نظير بليدي، ماجد عباسي، فھيم شاھ ۽ ٻين اميدوارن جا بلاجواز فارم رد ڪيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو