پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جي آفيس تي فائرنگ، جوابدار فرار

پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جي آفيس تي فائرنگ، جوابدار فرار

ڪراچي (رپورٽر): ڪراچيءَ جي علائقي ڪلفٽن بلاڪ 9 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي رڪنِ قومي اسيمبلي قادر پٽيل جي سياسي دفتر تي نامعلوم هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي.پوليس حڪام موجب ڪار ۾ سوار نامعلوم جوابدار دفتر جي گيٽ تي لڳاتار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ واري واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته گوليون دفتر جي مک دروازي تي لڳيون. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي امڪاني ثبوت ۽ 9 ايم ايم پستول جا 5 خول تحويل ۾ وٺي ورتا آهن. پوليس پاران سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان هٿياربندن جي ڳولا ۽ تفشيش جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو